الهه اوڀايو ڍنڍ

الهه اوڀايو ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي دادو ۾ آهي. ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. هڪ ملاح الهه اوڀايو جي نسبت سان هن ڍنڍ جو نالو آهي. هن ڍنڍ کي فشريز کاتي وارا نيلام ڪندا آهن. چيو وڃي ٿو ته هن ڍنڍ تي اڳي هڪ پتڻ هيو، جيڪو مورڙو پتڻ سان مشهور هو. ياد رهي ته مورڙي ميربحر جي والد جو نالو به الهه اوڀايو هيو. هنن ٻنهي نالن جي ڇا حيثيت، اهميت ۽ لاڳاپو آهي ۽ اهي ڪيئن هتي ملن ٿا، تنهن تي تحقيق جاري آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو